سيد مظفر علي شاهه مظفر

سيد مظفر علي شاهه مظفر

سيد مظفر علي شاهه مظفر

سيد مظفر علي شاهه ’مظفر‘: سيد مظفر علي شاهه ’مظفر‘ عرف زوار جمن شاهه پهرين آڪٽوبر 1916ع تي ضلعي شڪارپور جي مدئجي شهر جي ڪاظمي ساداتن جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد سيد فضل علي شاهه ڪافيءَ جو شاعر ۽ صوفي طريقت جو پوئلڳ هو ۽ سندس خاندان جا ٻيا بزرگ پڻ شاعر ٿي گذريا آهن، اوائلي عمر ۾ ئي سندس تربيت علمي ماحول ۾ ٿي، سنڌي فائنل کانپوءِ ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪري 1938ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪيائين، لکڻ جي شروعات ويهن سالن جي عمر کان ئي شڪارپور جي استاد واڌو مل جي همت افزائيءَ سان ڪيائين ۽ سندس پهريون غزل 1939ع ۾ هفتيوار آزاد ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ باقاعدي لکڻ شروع ڪيائين ۽ ’الوحيد‘، ’ماهوار فردوس‘، ’رهنما‘، ’اديون‘، ’اخبار تعليم‘، ’نواءِ سنڌ‘ ۽ ٻين اخبارن توڙي رسالن ۾ سندس نثر توڙي شاعري شايع ٿيندي رهي، 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب پڙهيا لکيا هندو اديب وڏي تعداد ۾ سنڌ مان لڏي ويا، جنهنڪري مدئجيءَ ۾ ادبي خال پيدا ٿيو، ان کي ڀرڻ لاءِ سيد مظفر شاهه ’مظفر‘ 1950ع ۾ مدئجي شهر ۾، ’محمدي لائبرريءَ‘ جو بنياد وڌو ۽ شاگردن جي تعليم سان گڏوگڏ ادبي تربيت به ڪرڻ لڳو. 1954ع ۾ مدئجيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيائين، جنهن جو پاڻ صدر ٿيو ۽ سيڪريٽري وريل داس کي چونڊيو ويو. 1962ع ۾ ’مظفر نيوز سروس‘ ۽ ’مظفر پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين، جنهن پاران پنهنجي شاعريءَ تي مشتمل ٻه ڪتاب: (1) ’قلبي قوت‘ ۽ (2) ’شان سرور‘ شايع ڪرايائين. ان کانسواءِ ايران، عراق ۽ شام جو سفرنامو لکيائين، جيڪو نواءِ سنڌ اخبار ۾ قسطوار شايع ٿيندو رهيو. ان کانسواءِ ’محسن انسانيت‘، ’سياست علويه‘ ۽ ’اقوام عالم ۾ عورت جي حيثيت‘ عنوان سان سلسليوار مضمون لکيائين. شاهه صاحب، جي. ايم. سيد سان گڏ ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ ۾ پڻ سرگرم رهيو ۽ سندس ساڻس ويجهڙائي رهي، پر سياست سان دلچسپي نه هئڻ ڪري بعد ۾ بزم کان الڳ ٿي ويو. زندگيءَ جي آخري عمر تائين مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو.
82 سالن جي ڄمار ۾، 22 مئي 1997ع تي، مدئجيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس جسد خاڪيءَ کي اباڻي قبرستان، شهيد علي حيدر شاهه مدئجي ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.10.01  عيسوي

سيد مظفر علي شاهه ’مظفر‘ عرف زوار جمن شاهه پهرين آڪٽوبر 1916ع تي ضلعي شڪارپور جي مدئجي شهر جي ڪاظمي ساداتن جي گهر ۾ ڄائو.


1997.05.22  عيسوي

سيد مظفر علي شاهه مظفر 82 سالن جي ڄمار ۾، 22 مئي 1997ع تي، مدئجيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس جسد خاڪيءَ کي اباڻي قبرستان، شهيد علي حيدر شاهه مدئجي ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال محمود شاهه سيد
ڀڳت ڪنور رام
جَون ايليا
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
جهان بانو
ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2
جاحظ1
ابڙو غلام ھالائي
ڊاسوڙي مخدوم محمد امين
جوکيو اياز
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون